ڊاماهو ڌاماسو

ڊاماهو ڌاماسو

ڊاماهو ڌاماسو

ڊاماهو/ ڌاماسو(Prickly Clover) : ڊاماهو ڪانڊيري جھڙو ٻوٽو آهي، جنهن جو لاطيني نالو Fagonia arabica آهي. هي ٻوٽو عام طرح سنڌ، پنجاب، دکن ۽ ميسور ۾ پيدا ٿئي ٿو. عام طور ڪڪرائين يا سخت زمين ۾ ٿيندو آهي. هن جا پن سنها ۽ ننڍا ٿيندا آهن. ان جا گل ننڍا ۽ هلڪا ٿيندا آهن. سڄو ٻوٽو ڪنڊن سان ڀريل ٿيندو آهي. هن ٻوٽي کي پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، ان جي پاڻيءَ سان مَلي يا ڦٽ ڦرڙين واري ماڻهوءَ کي وهنجارڻ سان فائدو ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو